راڄسي سومراڻي جي درگاهه

راڄسي سومراڻي جي درگاهه

راڄسي سومراڻي

راڄسي سومراڻي: راڄسي سمن جي دؤر ۾ ضلعي بدين جو ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو راڄ سين سومراڻي ۽ ذات جو درس هو. هي بزرگ ستين صدي هجريءَ ڌاري ڪڇ کان هتي آيو هو. هي حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جو مريد هو. پنهنجي دؤر جي مشهور مشائخن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. ابراهيم ناگورائي ۽ سومر ناگورائيءَ جو همعصر ۽ دوست هو. راڄسي سومراڻيءَ جي درگاهه نندي شهر جي ڀرسان آهي، جتي هر سال 19- 20 ذوالحج تي ميلو لڳندو آهي. سندس مريدن ۾ درس فقير، ريٻاري، سوٽهڙ، نوري پوٽا، ڀيل، لنجا ذاتيون شامل آهن. سندس مريدن جو گهڻو تعداد، لاڙ ۽ ٿر کانسواءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. هن بزرگ جي درگاهه نندي شهر کان 5 ڪلوميٽر اتر- اوڀر طرف ڪنڊ تي واقع آهي. درگاهه جو متولي عبدالرحمان کٽي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو